مخدوم هائوس جا وري اختلاف، وزارت ۽ پ پ ڇڏڻ جو اشارو

هالا: مخدوم هائوس ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ هڪ دفعو ٻيهر اختلاف ٿيڻ لڳا آهن.ان ڏس ۾ مخدوم هائوس جي ذريعن موجب مخدوم هائوس ڪراچي ۾ ويجھن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت پارٽي پاران نظر انداز ڪيل ميمبرن سان رابطا تيز ڪيا ويا آهن. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏ وزرات مخدوم هائوس کي نه ملڻ تي مخدوم هائوس پنهنجن دوستن سان گڏ سنڌ حڪومت سميت پارٽي کي الوداع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.مخدوم هائوس جي مئنيجر مير مسرت جعفري موجب مخدوم جميل الزمان 15آگسٽ تي هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس سڏائي آهي. هن چيو ته سروري جماعت جو روحاني پيشوا ۽ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان آچر ڏينهن مخدوم هائوس هالا ۾ سڏايل پريس ڪانفرنس ۾ هڪ وڏي سياسي ڌماڪي جو اعلان ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔