ڀارتي حڪومت هندتوا ۽ آر ايس ايس جي نظريي جي حامي آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد:صدر عارف علوي چيو آهي ته 74 سالن جي سفر ۾ مختلف چيلينجز ۾ سرخرو ٿيا آهيون، ايٽمي طاقت بڻجڻ ڪاميابي آهي، اسان جو ماضي، حال ۽ مستبقل اسان جي هدايت جو تعين ڪن ٿا. اسلام آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان زرعي ملڪ سان گڏوگڏ هاڻي صنعتي ملڪ به بڻجنجدو پيو وڃي، افغانستان جو حالتون خراب ٿيڻ تي پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏنو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪيون، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن کي جڳهه ڏني، ٻين ملڪن جو جائزو وٺجي ته پناهگيرن کي سمنڊ ۾ ٻڏڻ ڏنو وڃي ٿو، صدر چيو آهي ته قوم ثابت ڪيو مشڪل ۽ آزمائش اچڻ تي پورو لهون ٿا، اسان ڪورونا ۾ مجسد کليل رکيون ۽ وبا جو مقابلو ڪيو، ڪورونا وبا جي باوجود معيشٽ ترقي ڪندي رهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستان جي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو تائين پهچي وئي، اسٽافڪ ايڪسچينج ماضي جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هن ڀارت کي چيو آهي ته اچو غربت جي خاتمي جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون، ڀارت اسان جي امن جي آڇ کي ڪمزوري سمجهيو، هن چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا دوران بهترين انتظام ڪيا، جنهن کي سڄي دنيا ساراهيو آهي، وزيراعظم چيو هو ته اسان ڪورونا جي ڪري ماڻهن کي بک نٿا ماري سگهون ۽ وبا دوران اهڙا قدم کنيا ويا جن سان ملڪ کي فائدو ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔