ڌاڙيلن سان مقابلو: ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم لاءِ 25 لک رپين جو انعام

ڪراچي: آءِ جي سنڌ پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم کي 25 لک رپيا نقد انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ پوليس کي ايس ايس پي تنوير تنيو جهڙن آفيسرن تي فخر آهي ۽ هن جهڙا آفيسر پوليس جو اثاثو آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ۽ سندس ساٿي جان محمد مارجي ويا هئا، جن جي زنده يا مرده گرفتاري تي هڪ ڪروڙ رپين جي انعام جي سفارش ٿيل هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔