ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو بند نه ٿيندو: شاھ محمود قريشي

ملتان:پرڏيھي وزير شاهه محمود قريشي چيو آھي تھ پاڪستان افغنستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، افغانستان ۾ اسان جو ڪو به فيوريٽ ناهي، پريس ڪانفرنس دوران ھُن چيو تھ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو بند ناهي ٿيو، چاهيون ٿا ته افغان معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿئي، افغانستان جي مستقبل جو فيصلو افغان عوام کي ڪرڻو آهي، پاڪستان ڪنھن بھ ملڪ ۾ تشدد جي مذمت ڪري ٿو. ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو بند نه ٿيندو، افغانستان ۾ پاڪستان جو ڪير به فيورٽ ناهي، افغانين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي، پاڪستان نٿو چاهي ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي، محرم الحرام بعد افغانستان جي پاڙيسرين سان رابطو ڪنداسين، ٿي سگهي ٿو افغان وفد به جلد پاڪستان جو دورو به ڪري، ڀارت کي به افغان مسئلي کي سلجهائڻ گهرجي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔