برطانيا ۾ افسوسناڪ واقعو، عوام ۾ خوف جي لهر ڇانئجي وئي

لنڊن : برطانيا جي ڏاکڻي شهر پلي مائوٿ ۾ هڪ افسوس واقعو سامهون آيو آهي.
پلي مائوٿ ۾ پيش آيل فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ هڪ 10 ورهين جو ٻار ۽ شڪي حملي آور به شامل آهن.
پوليس موجب 12 آگسٽ جي شام فائرنگ جي هڪ سنگين واقعي خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ صورتحال تي ضابطو آندو ويو آهي.
ان واقعي ۾ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته برطانوي گهرو وزير پريتي پٽيل ماڻهن کي پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪئي آهي پر هن افسوسناڪ واقعي جا وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔