ڪورونا جو پهريون شڪار ووهان ليب جو ملازمن ٿي سگھي ٿو: ڊبليو ايڇ او سربراهه

جنيوا: صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا متاثر شخص چين جي شهر ووهان جي ليبارٽري جو ملازم ٿي سگھي ٿو، جنهن سان ڪنهن چمڙي جو سامنو ٿيو هجي.
ڊاڪٽر پيٽرا ايمبارڪ ڪورونا وائرس جي شروعات بابت ڊبليوايڇ او جي چئن هفتن تي ٻڌل تحقيق جي اڳواڻي ڪئي.
هن پهريان دعويٰ ڪئي هئي ته شهر هي هڪ ليب مان وائرس جي پکيڙ جي نظريي جي حقيقي هجڻ جو امڪان آهي .
پر وبائي مرض ۽ فوڊ سيفٽِي جي ماهر ڊاڪٽر ايمبارڪ هاڻ چيو آهي ته ائين ممڪن آهي ته ووهان ۾ هڪ ليب ۾ ورڪر چمڙي مان متاثر ٿيو هجي.
هن ڊينمارڪ جي نيوز چينل کي ٻڌايو ته امڪاني مفروضي تحت (ووهان ليب) جو هڪ ملازم فيلڊ ۾ نمونا وٺندي ان وائرس جو پهريون شڪار بڻيو هجي.
هن چيو ته اِها اُها جاءِ آهي جتي وائرس چمڙي کان سڌي ريت انسان ۾ داخل ٿيندو آهي. ان صورت ۾ پوءِ اهو ڪنهن به ٻهراڙي يا ٻي شخص بدران ليبارٽري ورڪر هوندو جنهن جو چمڙي سان باقاعده سامنو رهندو هوندو ته امڪاني طور تي ائين ٿيو هوندو.
بحث جاري رهيو پر گھڻن ماهرن کي نٿو لڳي ته وائرس جو ليب مان ليڪ ٿيڻ امڪاني سبب ٿي سگھي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔