سِي اَي اَي ملڪ گير سفر لاءِ نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي: ملڪ گير سفر جي لاءِ 10 سيپٽمبر تائين مڪمل ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ اهڙي حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر ايئر ٽرانسپورٽ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سي اي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آف ايئر ٽرانسپورٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ، 18 سالن کان وڌيڪ عمر وارا ماڻھو ملڪ گير سفر به تڏهن ئي ڪري سگھندا جيڪڏھن انھن کي مڪمل ويڪسينيشن ٿيل ھجي.
سي اي اي موجب هڪ ڊوز لڳل ماڻهن کي پهريون ڏنل سفري رعايت 10 سيپٽمبر کان واپس ورتي ويندي.
اختيارين وڌيڪ چيو ته بااختيار اٿارٽي جي ھدايت تي اھو فيصلو ڪيو ويو آھي ته واسطيدار اختياريون ملڪ گير سفر جي حوالي سان انهن نين هدايتن تي سختي سان عمل ڪرائينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔