پ پ اڳواڻ منظور حسين وساڻ جون نواز شريف، عمران خان ۽ اليڪشن بابت نيون اڳڪٿيون

ڪراچي: زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 2022 ۾ نواز شريف ملڪ واپس نه ايندو، عمران خان جنهن تيزي سان مٿي آيو ان ئي تيزي سان سال 2022 ۾ واپس ويندو.منظور وساڻ چيو ته سال 2022 جي آگسٽ، سيپٽمبر يا وري آڪٽوبر ۾ ملڪ ۾ اليڪشن ٿيندي ڏسي رهيو آهيان. عمران خان جي مقبوليت مونکي گهٽ ٿيندي نظر پئي اچي، پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اڳتي ايندي، ان وقت مختلف پوزيشن ۾ هوندي. منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ صاف شفاف اليڪشن ٿي ته پيپلزپارٽي کٽيندي، پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ هن ڀيري پهريان کان گهڻيون سيٽون کڻندي، ايم ڪيوايم ۽ جماعت اسلامي ورهائجي وينديون. ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آئي ڪراچي مان پهريان جيتريون سيٽون نه کٽيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔