نور مقدم ڪيس ۾ نئون موڙ، قتل کي ڌاڙو قرار ڏيڻ جي ڪوشش

اسلام آباد: گذريل مهيني جي آخر ۾ قتل ٿيل نور مقدم جي قتل ڪيس ۾ هڪ نئون موڙ سامهون آيو آهي. ذريعن موجب، نور مقدم ڪيس جي مک جوابدار ظاهر جعفر جي والد ذاڪر جعفر پاران قتل جي واردات کي ڌاڙي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو ته ذاڪر جعفر، ٽن ڪلاڪن تائين پنهنجي بااثر ساٿين کي واقعي کي ڌاڙي جو رنگ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ ذاڪر جعفر پنهنجي دوستن کي ٻڌايو ته سندس اسلام آابد واري گهر ۾ چوري ٿي وئي آهي، ڦورن گهر ۾ گهڙي سندس پٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ قيمتي پينٽنگز به چوري ڪري ويا آهن. ذاڪر جعفر پنهنجي دوستن کي چيو ته ڌاڙي دوران سندس پٽ هڪ ڦورو کي ماري ڇڏيو آهي، هاڻي قتل جي معاملي مان ڪيئن نڪرجي؟ مهرباني ڪري اسان جي مدد ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔