سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 28 آگسٽ کان ٻيهر عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بحريا ٽائون ۽ ٻين ميگا رهائشي رٿائن خلاف ”عوامي رابطا مهم“ ٻيهر 28 آگسٽ کان شروع ڪئي ويندي ۽ مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ جلسا ڪيا ويندا. جنهن موجب 28 آگسٽ تي ٽنڊو آدم، سانگهڙ، شهدادپور ۽ سنجهورو، 29 آگسٽ تي دوڙ، ٻانڌي، قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ۽ 30 آگسٽ تي دولتپور، نواب ولي محمد، شاهپور جهانيان ۽ مورو ۾ جلسو ڪيو ويندو. جڏهن ته مرڪزي ڊويزنل جلسو 5 سيپٽمر تي نوابشاهه ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔