فياض چوهاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب حڪومت جو ترجمان مقرر

لاهور: پنجاب جي جيلن واري وزير فياض الحسن چوهاڻ کي هڪ ڀيرو وري پنجاب حڪومت جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سندس مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فياض چوهاڻ ان کان اڳ به ترجمان طور خدمتون سرانجام ڏنيون جنهن کي هٽائي فردوس عاشق اعواڻ کي آندو ويو، فردوس عاشق اعواڻ کي هٽائڻ بعد هڪ ڀيرو وري فياض چوهاڻ کي ترجمان پنجاب حڪومت رکيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔