مرزا اشتياق بيگ پاران ڳائڻي زوهيب حسن کي هڪ ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس

ڪراچي: مشهور گلوڪاره نازيه حسن جي مڙس اشتياق بيگ گلوڪاره جي ڀاءُ زوهيب حسن کي هڪ ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. نوٽيس ۾ اشتياق بيگ چيو آهي ته زوهيب حسن خانگي ٽي وي تي انٽرويو دوران بي بنياد الزام لڳايا ۽ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، هن چيو ته بنا ڪنهن ثابتي جي ڪوڙي معلومات ذريعي منهنجي خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيو آهي، جنهن سان منهنجي ساک کي شديد نقصان پهتو آهي. هن نوٽيس ذريعي زوهيب حسن ستن ڏينهن اندر هڪ ارب رپيا هرجاڻو ادا ڪري ۽ معافي وٺي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔