نااهل آهين ته عهدو ڇو نٿو ڇڏين؟؟ جسٽس ڪي ڪي آغا جي اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي ڇنڊ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ غبن جي ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا 11 سالن کان اپيل جي ڪارروائي مڪمل نه ٿيڻ تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته آئون نئون آهيان، تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته روز عدالت ۾ هوندو آهي، نئون ڪيئن آهين؟ ناهل آهين ته استعيفيٰ ڏئي عهدو ڇڏين ڇو نٿو؟ استعيفيٰ ڏي ته جيئن ڪنهن قابل ماڻهو کي لڳائي سگهجي. جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي تياري ڪري اچو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔