اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ اُم رباب ڪيس تي بحث نه ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جو احتجاج

اسلام آباد:انساني حقن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ اُم رباب جي ڪيس تي بحث نه ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جو احتجاج، لال چند اُڪراڻي ۽ شيرين مرزاي احتجاج ڪندي چيو ته اُم رباب کان انصاف لاءِ ڌڪا کائي رهي آهي، ريڪيوزيشن جمع ڪرائڻ باوجود ڪيس کي ايجنڊا ۾ شامل نه ڪيو ويو، ائين هر مامري تي سياست کيڏڻ نه ڏني ويندي، ميمبرز جي تجويز تي اُم رباب کي پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ جي اجازت، اجلاس دوران اُم رباب چيو ته سردارن سندس والد، چاچي ۽ ڏاڏي کي قتل ڪري ڇڏيو، هن معاملي تي ڪنهن کي به سياست نه ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ تاثر آهي ته پيپلز پارٽي جوابدارن سان مليل آهي، پيپلز پارٽي سان ذاتي دشمني ناهي، پر منهنجو ڪيس ته هلڻ ڏنو وڃي، پ پ جا 2 ايم پي ايز جوابدار آهن ۽ اُنهن وچ شهر ۾ مون کي ڌمڪيون ڏنيون، پ پ ايم اين اي شازيا مري اُم رباب سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي تڪليف سمجهون ٿا، چاهيون ٿا ته توهان سان انصاف ٿئي، ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد ئي ڪنهن کي قاتل سڏي سگهون ٿا، ڪميٽي طرفان آءِ جي سنڌ کان ڪيس بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔