سنڌ سرڪار ارسا طرفان پاڻي جي حصي ۾ ڪٽوتي کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ سرڪار ارسا طرفان پاڻي جي حصي ۾ ڪٽوتي کي رد ڪري ڇڏيو، آبپاشي کاتي طرفان ارسا کي لکيل جوابي خط ۾ ايڊوائيزري ڪميٽي جي پاڻي ورڇ غيرمنصفاڻي قرار، تڪراري ٽي پي ڪئنال مان پنجاب کي پاڻي جي فراهمي روڪڻ جو مطالبو، خط ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته ارسا طرفان مسلسل سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، ڪالاباغ، تونسا ڪئنال ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو هڪ جيترو لاس طئه ڪرڻ غلط آهي، سنڌ کي اڳ ئي حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، آبپاشي کاتي جي خط ۾ 91ع واري معاهدي تحت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔