غيرقانوني ڀرتيون ڪيس: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي عبوري ضمانت ۾ 6 آڪٽوبر تائين واڌ

ڪراچي: لياري جي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪيس ۾ اسپيڪر آغا سراج دُراني ۽ ٻين جوابدارن خلاف جاچ مڪمل، نيب جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ اسلام آباد هيڊڪوارٽر ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آغا سراج دُراني جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر طرفان آگاهي ڏني وئي، عدالت نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي عبوري ضمانت ۾ 6 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔