افغان حالتن جي ذميواري پاڪستان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: شاهه محمود قريشي

ڪراچي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي حالتن جي ذميواري پاڪستان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪجهه قوتون امن جي خلاف ڪم ڪري رهيون آهن جن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي، افغان صورتحال تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو آهي ته اشرف غني جا الزام جاري آهن، پر پوءِ به اسان جو رويو مثبت آهي، اسان افغانستان ۾ بهتري چاهيون ٿا ۽ اتي عوام امن چاهي ٿو، هن چيو آهي ته افغان امن عمل ۾ اسان جو ڪردار مثبت رهيو آهي، اڄ به دوحه ۾ امن جي ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد شامل آهي، پاڪستان جو مثبت ڪردار ۽ امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪنهن کان لڪيل نه آهن، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اڄ دنيا افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستاني جي ڪوششن کي ساراهي رهي آهي، افغانستان کان ٻاهر هڪ طبقو اسپائلر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو آهي ته هي چوڻ ته پاڪستان ڏيڍ انچ جي مسجد ٻاهي رکي آهي اها ڳالهه درست نه آهي، اسان عالمي اتفاق راءِ جو حصو آهيون ۽ اسان جا مقصد هڪ آهن، امن مخالف ڪم ڪندڙن قوتن تي نظر رکي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔