سنڌ جي گهرو کاتي فوتي مولانا کي به پابنديءَ واري لسٽ ۾ وجهي ڇڏيو

سجاول: سنڌ جي گهرو کاتي پاران عجيب ڪارنامو سامهون آيو آهي جو 2013ع ۾ فوت ٿي ويل مولانا عبدالغفور قاسمي کي پابنديءَ واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي پاران محرم الحرام تي 168 عالمن ۽ ذاڪرن تي پابندين جي جيڪا لسٽ جاري ڪئي وئي آهي تنهن ۾ سجاول سان واسطو رکندڙ مولانا عبدالغفور قاسمي، به شامل آهي پر مولانا عبدالغفور قاسمي 2013 ۾ گذاري ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔