ڪورونا ويڪسينيشن مڪمل نه ڪرائيندڙن کي فضائي سفر جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) 10 سيپٽمبر کانپوءِ ڪورونا ويڪسينيشن ڪورس مڪمل نھ ڪرائيندڙن کي فضائي سفر جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي، اين سي او سي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ صحت واري وزارت ۽ طبي ماھرن سان مشاورت بعد ملڪ ۾ ويڪسينيشن جي رفتار کي تيزڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اين سي او سي موجب ويڪسين جي پھرين ۽ ٻي ڊوز جو وچ وارو وقفو 42 ڏينھن مان گھٽ ڪري 28 ڏينھن ڪيو ويو آھي، اين سي او سي پاران 10 سيپٽمبر بعد فضائي سفر جي لاءِ مڪمل ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔