بلاول ڀٽو زرداري جڏهن کان پيدا ٿيو هو عدم اعتماد جو شڪار آهي: شيخ رشيد

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا ڀلي اجلاس ڪندا رهن، يا ڪجهه به ڪن عمران خان 5 سال پورا ڪندا، اپوزيشن کي بي اعتمادي جِي سمجهه ئي نه آهي، نواز شريف 16 فيبروري کان فارغ ٿي چڪو، هُن پاسپورٽ رينيو ڪرائڻ لاءِ درخواست به نه ڏني آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جڏهن کان پيدا ٿيو هو عدم اعتماد جو شڪار آهي، هي ڪجهه به ڪن حڪومت 5 سال پورا ڪندي، وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڀارت ۽ افغان ايجنسي اين ڊي ايس، پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيون آهن، ايندڙ 6 مهينا خطي لاءِ انتهائي اهم آهن، پاڪستان ڪنهن به جنگ جو حصو نه ٿيندو ۽ پنهنجي سر زمين ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ به نه ڏينداسين، هن چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان 70 هزار جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان جي اندر هاڻي به دهشتگردي جي واقعن جا خطره آهن، هن چيو آهي ته هر ماڻهو ڪلاشنڪوف جو لائسنس طلب ڪري رهيو آهي، پر جيستائين مان آهيان ميرٽ تي لائسنس ڏيندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔