قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ڇڏيندڙن جِي ملڪيتن جِي وارثي واري معاملي تي بحث

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ڇڏيندڙن جِي ملڪيتن جِي وارثي واري معاملي تي بحث، متحده ايم اين اي ڪشور زهره طرفان ڇڏيل ملڪيتن واري معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش، ڪشور زهره چيو آهي ته لياقت علي خان ڀارت ۾ اربين رُپين جون ملڪيتون ڇڏي آيو، اڄ سندس پٽ ڊائلاسز لاءِ وڏي وزير کي درخواستون پيو ڏئي، اويڪيو ٽرسٽ پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، 65 ۽ 71ع وارين جنگين دوران جِن جي زمينن تي قبضا ٿيا، اُنهن کي ڪجهه ناهي مليو، مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته وفاقي سرڪار ڇڏيل ملڪيتن جي حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، پهرين ترجيح اُنهن زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ آهي، سنڌ ۾ ڇڏيل ملڪيتن جي مامري تي سموريون ڌُرين سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، ايم اين اي لال مالهي چيو سنڌ عالمي يتيم خانو ناهي جو سڄي دنيا کان آيل پناهگيرن کي سنڌ ۾ رهايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔