ڀارتي گهرو کاتي جا ڪشمير ۾ دهشتگرد اُماڻڻ وارا الزام غلط آهن:شيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير طرفان ڀارتي گهرو کاتي جي الزامن جي ترديد ۽ مذمت، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڀارتي گهرو کاتي جا ڪشمير ۾ دهشتگرد اُماڻڻ وارا الزام غلط آهن، ڀارت وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪابه مداخلت نه پيو ڪري، ڀارتي گهرو وزارت جي الزام کي رد ڪريان ٿو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته نادرا ۾ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙ سمورن ملازمن کي نيڪالي ڏني ويندي، نور مقدم قتل ڪيس ۾ شامل سمورن ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔