ڪورونا وبا وڌيڪ 86مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 3800کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : سموري ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران موذي ڪورونا وائرس وڌيڪ 86 مريَضن کان حياتيون کسي ورتيون.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 49 هزار 506 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3884 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جو انگ 1.075.504 ٿي وئي آهي جن مان 967.073 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 86 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.

اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 24 هزار 004 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 7.84 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔