ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت ملڪ جي 29 شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي هاڃيڪار، حڪومت جو اعتراف

اسلام آباد: حڪومت طرفان ملڪ جي 29 وڏن شهرن ۾ زهريلي پاڻي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي جيڪو ڪينسر سميت مختلف وچڙندڙ بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

رپورٽ موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير سينيٽر شبلي فراز طرفان قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو. دستاويزات ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڻي ۾ آرسينڪ جي موجودگي جلد جي خرابي جو سبب بڻجي رهي آهي. قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي اداري پي سي ايس آءِ آر طرفان ورتل پاڻي جي نمونن جي نتيجن موجب ملڪ جي 29 وڏن شهرن جو پاڻي صحت لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي.

تفصيل موجب شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ گلگت بلتستان جو پاڻي 100 سيڪڙو غير محفوظ آهي جڏهن ته ملتان 94، ڪراچي 93، بدين 92، بهاولپور 76 سرگودها 83، حيدرآباد 80، مظفر آباد 70 ۽ سکر جو 67 سيڪڙو پاڻي صحت لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي. ايوان کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پيئڻ جي پاڻي جي معاملي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. پيئڻ جي پاڻي جي معاملي تي سمورن صوبن کي سياست کان مٿانهون ٿي قانون پاس ڪرڻ گهرجن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔