حماد اظهر جي گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽس تي عمل تيز ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد:   حماد اظهر جي گرفتاري کان پوءِ مختلف ڪيسز ۾ گهربل پي ٽي آئي اڳواڻن جا اڳ کان جاري ڪيل وارنٽس تي عمل تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب نومبر 2024 جي ڊي چوڪ احتجاج سميت مختلف هنڌن تي عدالتي وارنٽس کي منهن ڏيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتارين جو امڪان آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته جنيد اڪبر ۽ عبدالغني جي خلاف ڊي چوڪ احتجاج بابت ڪيسز ۾ اڳ کان جاري وارنٽس تي عملدرآمد ڪيو ويندو. جڏهن ته شبلي فراز، مراد سعيد ۽ حماد اظهر جي خلاف جوڊيشل ڪمپليڪس ڪيسز ۾ جاري عدالتي وارنٽس به عمل هيٺ آندا ويندا.

زرتاج گل، عامر مسعود مغل، ڊاڪٽر امجد علي ۽ مينا خان آفريدي به مختلف اسلام آباد ڪيسز ۾ گهربل اڳواڻن ۾ شامل آهن. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور ۽ عمر تنوير بٽ جي خلاف فيض آباد حتجاج ڪيسز ۾ جاري قانوني ڪارروائي به اڳيان وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پي ٽي آئي اڳواڻن جون امڪاني گرفتاريون اڳ کان داخل ايف آئي آرز ۽ ماضي ۾ جاري عدالتي وارنٽس جي بنياد تي هوندي. اسلام آباد پوليس کي مختلف ٿاڻن ۾ داخل ڪيسز ۾ گهربل پي ٽي آئي اڳواڻن جي عدالتي وارنٽس تي قانون موجب عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔