ملڪ صحيح رستي تي آھي، پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي ڪوشش ڪيون پيا: وزيراعظم

ڪراچي : ڪراچي پهتل وزيراعظم ڪي پي ٽي ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ صحيح رستي تي آھي، پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون، خوشي ٿي جو اسان ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون، بيساکي تي هلڻ سان ڪمزوري وڌي ويندي آهي، قوم پنهنجي پيرن تي بيهندي آهي ته الله تعاليٰ کين مضبوط ڪندو آهي، بدقسمتي سان پاڪستان تيزي سان ترقي نه ڪري سگهيو، هاڻي پاڪستان صحيح دڳ تي اچي ويو آهي. اسان جو رڪارڊ خسارو گھٽ کان گھٽ ٿي ويو آھي، اسان مني لانڊرنگ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون، ڪوشش آھي تھ غيرقانوني طور تي ڊالر ملڪ کان ٻاھر نھ وڃي، پوري دنيا ۾ ڪرپٽ حڪمران پئسو ملڪ کان ٻاھر موڪليندا آھن، پنھنجي ملڪ جو پئسو بچائڻو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔