سينيئر صحافي حامد مير جي ڀاءُ عامر مير کي ايف آءِ اي وارا کنڀي ويا!!

اسلام آباد: سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن حامد مير جي ڀاءُ عامر مير کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ جا اهلڪار کنڀي ويا. حامد مير ٽويٽر پيغام ۾ چيو ته عامر مير کي اڄ صبح لاهور مان ايف آءِ اي اهلڪار پڪڙي ويا، سندس موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ به کسيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي صحافي عمران شفقت جنهن ڪجهه عرصو اڳ منهنجي حق ۾ وي لاگ لکيو هو، ان کي به کنڀيو ويو آهي. حامد مير چيو ته عامر مير جو ڏوهه ايترو آهي ته هو منهنجو ڀاءُ آهي، جيڪڏهن مقصد مونکي خاموش ڪرڻ آهي ته توهان منهنجو آواز اڃان زور سان ٻڌندو، توهان کي گرفتار ڪرڻو آهي ته اچو مونکي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔