وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ڪراچي ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر، ليفٽيننٽ جنرل حمودالرحمان، وزيراعظم جي سي پيڪ اسپيشل اسستنٽ خالد منصور، ميجر جنرل محمود، جڏهن ته وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سيد ناصر شاهه، سيد سردار شاهه، مرتضيٰ وهاب، صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر  ڪاظم جتوئي، قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري ممتاز شاه، اءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي گڏيل اجلاس کي ملڪ ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان چوٿين لهر جي ڇهين هفتي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون. آزاد جمون ڪشمير ۾ ڪورونا عروج تي آهي، جتي 26 سيڪڙو ڪيس آهن، سنڌ ۾ 13 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ڪيسز آهن. 67 سيڪڙو ڪيسز ڪراچي ۾، لاهور، اسلام آباد، پشاور، راولپنڊي ۽ حيدرآباد مان اچي رهيا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته 500 مريض روزاني ملڪ ۾ داخل ٿي رهيا آهن. هڪ هزار 210 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جيڪي ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ آهن. ڪراچي ۾ فوتگين جي شرح ۾ به واڌ ٿي آهي. ملڪ ۾ ڀارت جي ڊيلٽا ويرينيٽ جي لهر ڪراچي ۾ وڌيڪ آهي. سنڌ حڪومت 31 جولاءِ کان 8 آگسٽ تائين ڪورونا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن.

هن وقت سنڌ ۾ گڏيل طور تي 1120 آڪسيجن بيڊز آهن جنهن مان اين ڊي ايم اي 537 آڪسيجن بيڊز سنڌ حڪومت  کي ڏنا آهن. جڏهن ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذريعن کان وڌيڪ 583 آڪسيجن بيڊز اسپتالن ۾ لڳايا آهن. آڪسيجن بيڊز ۾ 100 بيڊ جي پي ايم سي، 75 عباسي شهيد، 100 عيد گاهه ميٽرنٽي، 150 ايڪسپو ۽ 150 مختلف ڪورونا اسپتالن ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔