پي ايس 11تي ننڍي چونڊ ۾ شڪست جو مونکي ذميوار سمجهڻ ميڊيا ٽرائل آهي: نثار کهڙو

ڪراچي : پ پ اڳواڻ نثار کھڙو چيو آھي تھ وزارتون ۽ عهدا پارٽي جي امانت سمجهون ٿا، پارٽي قيادت جي فيصلن کي قبول ڪرڻ جا اسان سڀ پابند آهيون، لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 ۾ جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي کي سپريم ڪورٽ مان ڊي سيٽ ڪرائي اها سيٽ پارٽي جي حوالي ڪئي، هن چيو ته جنهن جي ڊي اي جي مخالف اميدوار کي عدالت مان ڊي سيٽ ڪرايو ان مخالف ڌر اميدوار جي ننڍي چونڊ ۾ حمايت ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ سندس چوڻ هو ته پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ ۾ پارٽي اميدوار جي شڪست جو ذميوار سمجهڻ ۽ مخالف ڌر جي حمايت ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا ٽرائل آهي.نثار کھڙو وڌيڪ چيو تھ پارٽي ورڪر آهيان، همدردن کان وٺي سمورن عهديدارن تائين اسان سڀ پارٽي ۽ قيادت جو ڪنڌ مٿي ڪرڻ لاءِ جدوجهد واري ميدان ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين، هن وڌيڪ چيو ته پارٽي سان گڏ وفاداريون آهن ۽ رهنديون، پارٽي جي سمورن فيصلن تي عمل ڪرڻ جا اسان سڀ پابند آهيون، وفاقي حڪومت آئيني طور تي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو نٿي ڪري سگهي ته مختلف هربا استعمال ڪري وزيراعظم جي ذريعي سنڌ تي گرفت مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي، هاڻ ڪو ٻيو راڄ نه پر رڳو عوام حڪومت ۽ عوام جو ئي راڄ هلندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔