سنڌ جي وڏي وزير جا 15 خاص معاون مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير جا 15 خاص معاون مقرر ڪيا ويا آهن، سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وقار مهدي کي سياسي معاملن، قاسم نويد کي سيڙپڪاري کاتي، بنگل مهر کي انڪوائريز ۽ اينٽي ڪرپشن، تنزيلا قمبراڻي کي انفارميشن، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ارباب لطف الله کي راندين بابت خاص معاون مقرر ڪيو ويو،جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب لياقت آسڪاني کي ڪچي آبادي، سريندر ولاسائي کي انساني حقن، پارس ڏيرو کي نوجوانن ۽ ثاقب علي ميمڻ کي معذورن بابت خاص معاون بڻايو ويو، نوٽيفڪيشن موجب صغير قريشي کي حيدرآباد جي معاملن ۽ ارسلان اسلام شيخ کي سکر جَي معاملن بابت معاون مقرر ڪيو ويو جڏهن ته علي احمد جان، محمد آصف خان، سلمان عبدالله مراد ۽ اقبال ساند کي ڪراچي جي ضلعن جي مامرن بابت خاص معاون بڻايو ويو

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔