حڪومت پاران 71ع ۾ ملڪ ڇڏيندڙ بنگالين جون ملڪيتون بنگالين کي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت 71ع ۾ پاڪستان ڇڏيندڙ بنگالين جون ملڪيتون بنگالين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪندي اهڙين ملڪيتن جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي، متروڪه ملڪيتن بابت جوڙيل ڪاميٽي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. وفاقي ڪابينا پاران 1971 ۾ پاڪستان ڇڏي بنگلاديش ويندڙ بنگالين پاران پاڪستان ۾ ڇڏيل ملڪيتن بابت جوڙيل ڪاميٽي جي پهرين ئي اجلاس ۾ بنگالين پاران ڇڏيل ملڪيتن تي بنگلاديش ڇڏي پاڪستان ايندڙ بنگالين جو حق تسليم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ اهي ملڪيتون بنگالين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪالهه وفاقي ڪابينا پاران 1971 ۾ بنگالين پاران ڇڏيل ملڪيتن بابت سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي جو پهريون باضابطه اجلاس ٿيو، ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم جي صدارت ۾ٿيل اجلاس ۾ ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان، قانون وزات جي پارلياماني سيڪريٽري ملڪه بخاري، ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڪشور زهرا ، اسامه قادري، لاوارث ڇڏيل ملڪيتن جي اداري جي اختيارين، ايف آءِ اي جي عملدارن شرڪت ڪئي. ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته 1971 ۾ بنگالين پاران پاڪستان ۾ ڇڏيل ملڪيتن بابت عالمي قانون اهو چوي ٿو ته ڇڏيل ملڪيتن جو ڪو قانوني وارث نه هجڻ تي اهي ملڪيتون 1971 ۾ بنگلاديش مان لڏپلاڻ ڪري پاڪستان ايندڙ بنگالين جي حوالي ٿيڻ گهرجن، قانون وزارت جي ترجمان مطابق اجلاس دوران قانون جي وفاقي وزير لاوارث ملڪيتن بابت اداري کي سختي سان هدايت جاري ڪئي آھي ته 1971 ۾ پاڪستان مان لڏي ويندڙ بنگالين جون جيتريون به ملڪيتون آھن جن ۾ متحرڪ ملڪيتن، سون، انعامي بانڊن، سيونگ سرٽيفڪيٽس، توڙي پلاٽن، گهرن، زرعي زمينن، غير مترڪ ملڪيتن کي فوري طور منجمند ڪيو وڃي انهن ملڪيتن جي وڪري جو عمل به فوري طور بند ڪيو وڃي قانون واري وزير واضح ڪيو ته بنگالين جي ڇڏيل پراپرٽيز جي وڪري جي صورت ۾ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪاميٽي چيئرمين ۽ قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم ڪاميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ بنگالين پاران 1971 ۾ ملڪ اندر سون سوڌو ڇڏيل ملڪيتن جا 1971 کان هن وقت تائين جا سمورا تفصيل پيش ڪيا وڃن جن تفيصلن ۾ ڪاميٽي کي اهو به ٻڌايو وڃي ته 1971 ۾ بنگالين پاران ڇڏيل ملڪيتن مان ڪيتريون ملڪيتون وڪرو ڪيون ويون آھن اهي ڪنهن جون ملڪيتون هنيون ۽ ڪنهن کي وڪرو ڪيون ويون آھن ۽ ڪهڙي قانون تحت بنگالين پاران ڇڏيل اهي ملڪيتون وڪرو ڪيون ويون آھن قانون جي وزير ان حوالي سان لاوارث ملڪيتن جي اداري ۽ ايف آءِ اي کان به ايندڙ اجلاس ۾ موقف طلب ڪري ورتو آھي قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم ڳالهائيندي چيو ته 1971 ۾ بنگالين پاران ڇڏيل ملڪيتن جو وارث ڪير آھي؟ ان بابت انصاف ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته اسان کي انهن ماڻهن جي قربانين کي نه وسارڻ گهرجي جن 1971 ۾ پنهنجا گهر، رشتيدارن ، پيارن کي ڇڏي پاڪستان لڏي آيا جنهن تي قانون جي وزير فروغ نسيم چيو ته ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ مان هن مامري ۾ انصاف فراهم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس ۽ ان حوالي سان ھڪ واضح ، شفاف رپورٽ وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔