شادي تقريب دوران وِڄ ڪرڻ سبب 16 ڄڻا فوت

ڍاڪا: بنگلاديش جي شهر شب گنج ۾ درياهه ڪناري ٿيندڙ شادي جي تقريب دوران وِڄ ڪرڻ سبب 16 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن گھوٽ زخمي ٿي پيو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻيلن جو تيزي سان خاتمو ٿيڻ آسماني بجلي ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن جو سبب آهي.
بنگلاديش ۾ هن وقت مون سون جون شديد طوفاني برساتون ٿي رهيون آهن.
ڏکڻ-اوڀر ضلعي ڪاڪس بازار ۾ هڪ هفتي کان جاري شديد برساتن سبب 20 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
بنگلاديش ۾ هر سال وِڄ ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.
سرڪاري انگن اکرن موجب 2016 ۾ وڄ ڪرڻ سبب 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا هئا جڏهن ته مئي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 82 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔