ڀولڙي اسڪول ۾ پرنسپل جي ڪرسي سنڀالي ورتي

نئين دهلي : ڀولڙي اسڪول ۾ پرنسپل جي ڪرسي سنڀالي ورتي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ضلعي گواليار ۾ انوکو واقعو پيش آيو، سرڪاري اسڪول ۾ هڪ ڀولڙو اوچتو داخل ٿي پرنسپل جي ڪرسي تي ويهي رهيو جنهن سبب عملو سخت پريشان ٿي ويو، استادن ۽ عملي پاران وڏي جدوجهد بعد ڀولڙي کي ٻاهرڪڍيو ويو، ڀولڙي جي پرنسپل جي ڪرسي تي ويهڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڀولڙو ڪيئن اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ پوءِ انکي استادن ۽ عملي پاران وڏي جدوجهد سان ٻاهر ڪڍندي ڏسي سگهجي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔