ڪراچي: صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ويڪسين لڳرائيندڙن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.
سڄي صوبي ۾ مجموعي طور 2 لک 59 هزار 51 ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ هڪ لک 18 هزار 58 ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وئي، 24 ڪلاڪن ۾ ڪراچي ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ جي شرح 84.2 رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ 37 هزار 2 سئو 93 ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي، ڪراچي اتر ضلعي ۾ 19 هزار 2 سئو 12 ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي، ان سان گڏوگڏ ضلعي ڪياماڙي ۾ 15 هزار 7 سئو 13، سینٽرل ضلعي ۾ 15 هزار 2 سئو 6، ضلع ملير ۾ 11 هزار 6 سئو 2 ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي
پچھلی پوسٹ