رحيم يار خان ۾ مندر تي حملو، چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، پنجاب جي چيف سيڪٽري ۽ آءِ جي کي سڀاڻي رپورٽ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيئرمين رميش ڪمار کي به سڀاڻي طلب ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ جي پي آر او طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيئرمين ايم اين اي رميش ڪمار چيف جسٽس سان ملاقات ڪري رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي واري واقعي بابت آگاهه ڪيو، چيف جسٽس طرفان واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، مندر تي حملي بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔