سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي، نوان وزيراڄ شام پنهنجي عهدي جو قسم کڻندا

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار بعد وزيرن ۽ صلاحڪارن کي مختلف کاتا الاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، صوبائي وزير ناصر شاهه کان سڌ سماءَ کاتو واپس وٺي ٻيهر سعيد غني کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سردار شاهه کي ٻيهر تعليم کاتو ملڻ جا امڪان آهن، سهيل سيال کي هٽائي آبپاشي کاتو ڄام خان شورو کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اسماعيل راهو کي هٽائي منظور وساڻ کي زراعت کاتو ڏيڻ جو فيصلوڪيو ويو ، ضياءُ عباس شاهه کي ورڪس اينڊ سروسز، تيمور ٽالپر کي ٻيلو کاتو، ساجد جوکيو کي سماجي ڀلائي ۽ تنزيلا قمبراڻي کي آءِ ٽي کاتو ملڻ جا امڪان آهن ، ارباب لطف الله کي يوٿ افيئرز بابت خصوصي معاون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، مرتضيٰ وهاب کان ماحوليات کاتو واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيوويو آھي،
سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار سان 3 صوبائي وزير ۽ 2 صلاحڪار آئوٽ ٿيڻ جا امڪان، ذريعن موجب صوبائي وزير سهيل انور سيال، هري رام ڪشوري لال ۽ فراز ڏيرو ڪابينا مان آئوٽ ٿي ويندا، صوبائي صلاحڪار نثار کهرو ۽ مرتضيٰ وهاب به ڪابينا مان آئوٽ ٿيڻ جا امڪان آهن، سنڌ ڪابينا ۾ 4 نوان وزير، 2 خصوصي معاون ۽ 2 صلاحڪار شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪابينا ۾ وزير طور شامل ٿيندڙ نون چهرن ۾ ساجد جوکيو، ڄام خان شورو، ضياءُ عباس شاهه ۽ گيانچند ايسراڻي شامل آهن ، منظور وساڻ ۽ شفت شاهه شيرازي کي صلاحڪار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، تنزيلا قمبراڻي ۽ ارباب لطف الله کي خصوصي معاون بڻائڻ جا امڪان آهي ، سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ 4 نوان وزير اڄ گورنر هائوس ۾ تقريب دوران حلف کڻندا.

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔