هاڻ ننڍا دڪاندار به ٽيڪس ڀريندا، ايف بي آر واضح ڪري ڇڏيو

آيف بي آر آٽوميٽڪ رسيد تصديقي نظام وٽان نه سلهاڙجندڙ رٽيلرز جي ان پٽ ٽيڪس جو 60 سيڪڙو رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وڏن رٽيلرز کي رسيد جي آٽوميٽڪ تصديقي نظام سان سلهاڙڻ لاءِ ايف بي آر جنرل سيلز ٽيڪس آرڊر نمبر 1 جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت وڏن رٽيلرز کي پهرين آگسٽ کان ان نظام سان سلهاڙڻ جو سلسلو جاري آهي.
نشاندهي کان پوءِ جيڪي ان نظام سان نه سلهاڙجندڙن جي لسٽ ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪئي وئي آهي.
15 آگسٽ تائين ڄاڻايل نظام سان نه سلهاڙجندڙ رٽيلرز جي جولاءِ جي گوشوارن ۾ داخل ان پٽ ٽيڪس جو 60 سيڪڙو ادا نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڪو به رٽيلر اهو سمجهي ٿو ته اهو وڏي رٽيلر جي فهرست ۾ نٿو اچي ته اهو 10 آگسٽ تائين ڪمشنر کي درخواست ڏئي لسٽ مان خارج ٿي سگھي ٿو.
اها لسٽ هر مهيني اپ ڊيٽ ڪئي ويندي ۽ جيڪي رٽيلرز ان لسٽ ۾ موجود رهندا انهن جي ان پٽ ٽيڪس جو 60 سيڪڙو سيلز ٽيڪس رد ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔