پاڪستاني اداڪاره اشنا شاهه به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي

لاهور: پاڪستان جي مشهور اداڪاره اشنا شاهه جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي. تصويرون شيئر ڪندڙ ايپ انسٽاگرام تي اشنا شاهه لکيو آهي ته ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳرائڻ جي باوجود وبا جو شڪار ٿي وئي آهيان.هن لکيو ته مان انهن ماڻهن کان انتهائي معذرت خواهه آهيان جن سان تازو ئي ملاقات ڪئي. مان ان وقت تائين هن وائرس کي هڪ معمولي وبا سمجهندي رهيس جيستائين مون کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو بخار نه ٿيو ۽ منهنجي چکڻ جو ذائقو به هليو ويو.اشنا شاهه چيو ته مون کي اهو سوچي جهٽڪو لڳندو آهي ته جيڪڏهن ويڪسين نه لڳرايان ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها. مان سڀني کي گذارش ڪريان ٿي ته ماسڪ پايو، ويڪسين لڳرايو ۽ ايس او پيز تي عمل ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔