ڀارت ۾ زيادتي بعد ٻارڙي قتل، لاش کي باهه

دهلي جي ڏاکڻي اولهه واري علائقي ۾ 9 ساله ٻارڙي کي مبينه طور زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪيو ويو جنهن کانپوءِ وحشي جوابدارن نياڻي جي لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
دهلي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي ته فارنزڪ ٽيم کي سڙيل لاش جون ٽنگون ۽ خاڪ ئي ملي.
ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو ته زيادتي کانپوءِ قتل ڪري نياڻي جي لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ نياڻي جي ماءُ جي فرياد تي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
نياڻي جي وارثن چيو ته پوليس کين حراسان ڪري رهي آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جوابدارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
ٻئي پاسي ٻارڙي جي وارثن ۽ دلت برادري وحشي جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته سفاڪ جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڏياريو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔