شاهد آفريدي ڪي پي ايل ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ناليوارو آل رائونڊر شاهد آفريدي ڪشمير پريميئر ليگ ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ پرجوش نظر اچي رهيو آهي.
شاهد آفريدي ٽوئيٽر تي پنهنجي مظفرآباد جي حسين نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ واري هڪ تصوير ۽ هڪ ڪشمير جي نظارن جي تصوير شيئر ڪئي آهي.
هُن تصوير جي ڪيپشن ۾لکيو آهي ته ”خوبصورت مظفرآباد“، ڪي پي ايل کيڏڻ لاءِ هتي اچڻ تمام سٺو احساس آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ڪشمير جي نوجوانن لاءِ اهو هڪ بهترين موقعو آهي ته اهي هڪ وڏي مرحلي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن.
واضح رهي ته مظفرآباد ۾ ايوينٽ جي شروعات 6 آگسٽ کان ٿيندي جڏهن ته فائنل 17 آگسٽ تي کيڏيو ويندو. سموريون ميچون مظفرآباد جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔