عائزا خان جي ماڌوري جي انداز ۾ ڊانس وائرل

ڪراچي: اداڪارا عائزا خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ باليووڊ جي ماڌوري ڊڪشٽ جي گاني تي ڊانس ڪري رهي آهي.
عائزا خان پنهنجي نئين ڊرامي ”لاپتا“ ۾ هڪ ٽڪ ٽاڪر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ڪردار جي گهرج موجب ڊرامي ۾ باليووڊ ۽ لالي ووڊ جي ڪيترن ئي روپن ۾ نظر ايندي، جن ۾ ميڊم نورجهان، سري ديوي، ماڌوري ڊڪشٽ، ڪاجول ۽ ماهرا خان شامل آهن.
عائزا خان اداڪارائن جي روپ ۾ پنهنجون جهلڪيون سوشل ميڊيا تي اڳواٽ ئي شيئر ڪري چڪي آهي، گذريل رات هن انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ باليووڊ جي ڊانسنگ ڪوئين ماڌوري ڊڪشٽ جي جڳ مشهور گاني ”آجا نچ لي“ تي ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي.
مداحن عائزا خان جي ڊانس کي گهڻو پسند ڪيو آهي ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ان وڊيو کي 9 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔