سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ جو خدشو، وفاقي فلڊ ڪميشن اختيارين کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي فلڊ ڪميشن پاران اختيارين کي خبردار ڪيو ويو آھي تھ آبي ذخيرا تيزي سان ڀرجڻ لڳا آھن، ان ڪري ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ جو خدشو آھي. ڪميشن جو چوڻ آھي تھ گليشيئرز پگھرجڻ سان آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي واڌ مسلسل وڌي رھي آھي، تربيلا ڊيم انتهائي سطح کان رڳو 26 فوٽ هيٺ آهي ، ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو 1،524 فوٽ آھي جيڪو ھڪ ھفتي ۾ ڀرجي ويندو. عملدارن جو چوڻ ھو تھ تونسا، گڊو ۽ سکر بيراج جا ھيٺاھين واران علائقا پاڻي ھيٺ اچي سگھن ٿا. پاڻيءَ جي آمد ۾ واڌ کانپوءِ ارسا به پاڻي ڇوڙ وڌائي ڇڏيو آھي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 314،000 ڪيوسڪ آهي، اخراج 234،000 ڪيوسڪ آهي، تونسا بئراج ۾ پاڻي جي آمد 390،000 ڪيوسڪ آهي، اخراج 279،000 ڪيوسڪ آهي، گڊوبيراج ۾ پاڻي جي آمد 1 لک 77 هزار ، اخراج 145 هزار ڪيوسڪ آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔