ڪورونا: وفاق به نين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو، بازارون رات 8 وڳي بند ٿي وينديون

اسلام آباد؛ وفاقي حڪومت ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سڀاڻي کان نين پابندين جو اعلان ڪيو آھي. اين سي او سي جي سربراھھ اسد عمر چيو آھي ته وڌيڪ متاثر شھرن ۾ مارڪيٽون سڀاڻي کان فقط شام 8 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته مارڪيٽون هفتي ۾ ٻھ ڏينهن بند رهنديون، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ريسٽورنٽ ۾ ان ڊور ڊائيننگ بھ بند ھوندي جڏھن تھ ھوم ڊليوري جي 24 ڪلاڪ اجازت هوندي. اسد عمر موجب نيون پابنديون 3 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين لاڳو ٿينديون. ڪاروبار ھفتي ۾ ٻھ ڏينھن بند رھندو، موڪل ڪھڙي ڏينھن ڪرڻي آھي ان جو فيصلو صوبا ڪندا. اسد عمر چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گنجائش 50 سيڪڙو هوندي ۽ آفيسن ۾ حاضري 50 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔