ڊي آءِ خان ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو

ڊي آءِ خان: ڊي آءِ خان ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڊيره اسماعيل خان جي علائقي اٽل شريف ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هيڊ ڪانسٽيبل دلاور خان مارجي ويو آهي، مقتول اهلڪار پوليو مهم تي ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته گهات لڳائي ويٺل هٿياربندن کيس نشانو بڻايو، پوليس موجب واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ناڪه بندي ڪري سرچ آپريشن ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن به پشاور ۾ فائرنگ ڪري فرنٽيئر ريزو پوليس اهلڪار کي قتل ڪيو ويو هو، واضح رهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان پوليو مهم جو آغاز ڪيو ٿي ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔