بلاول قاتلن ۽ ڏوهارين جو ساٿ نه ڏيئي، وڪيل برادري انصاف ڏياري: ام رباب

دادو: دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءَ مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سسلي ۾ سردار احمد چانڊيو ۽ برهان خان عدالت ۾پيش ٿيا، ايمرجنسي ڪم سبب سردار احمد چانڊيو عدالت جي اجازت سان واپس روانو ٿي ويو، ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ سنڌ بار جي سڏ تي وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي ملتوي ٿي آهي، مان وڪيلن سان گڏ آهيان، پاڪستان، سنڌ بار کان مطالبو آهي ته مون کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اڳتي اچن، هن چيو آه ته هيومن رائيٽس اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي پي ٽي آءِ ميمبرن تحريڪ التويءِ جمع ڪرائي، ڪاميٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي ان کي منهنجي گهر ڀاتين جي قتل واقعي کي ٻڌڻو پوندو، ام رباب چيو آهي ته پي پي جي ٻن ايم پي ايز کي سرڪاري پناھ مليل آهي ۽ سنڌ حڪومت سندن مدد ڪري ٿي، اسان وٽ ان جا ثبوت موجود آهن، ام رباب وڌيڪ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو آهي ته هو قاتلن ۽ ڪرمنل جو ساٿ نه ڏئي، سنڌ جو عوام ظالم سردارن ۽ جاگيردارن کان واقف آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔