مٺي جِي عدالت پورهيت دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

مٺي: مٺي جِي عدالت پورهيت دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿرڪول بلاڪ ون جي سيڪيورٽي انچارج سميت ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ گرفتار جوابدارن جي وڪيلن پاران ضمانتن لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ پوليس جوابدار اينگرو ڪمپني جي سيڪورٽي انچارج ڪاشف ۽ قمر رضا کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي مخصر ٻڌڻي بعد عدالت جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جڏهن ساڳي ئي عدالت اسلام ڪوٽ ڌرڻي دوران پورهيتن تشدد ۽ گرفتارين تي ايس ايس پي ٿرپارڪر سميت ٻين پوليس عملدارن تي ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي، لجپت سوراڻي ايس ايس پي سردار حسن نيازي، سي آءِ اي انچارچ، 5 ايس ايڇ اوز سميت هڪ سئو اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ 22_ اي جي درخواست داخل ڪرائي هئي جيڪا رد ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔