سعودي سياحت جا دروازا کولي ڇڏيا، اهم شرط به لاڳو

رياض: سعودي عرب ويڪسي نيشن مڪمل ڪرائيندڙ سياحن کي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عرب ميڊيا موجب سعودي عرب 17 مهينن جي بندش کان پوءِ ملڪ ۾ سياحن جي لاءِ دورازا کولي ڇڏيا آهن جنهن جي تحت ڪورونا ويڪسين جون ٻئي خوراڪون ورتل مڪمل ويڪسين ٿيل سياحن کي پهرين آگسٽ کان ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
سعودي عرب جي سياحت واري وزارت چيو آهي ته پهرين آگسٽ کان لاڳو پاليسي تي پورو لهندڙن کي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي جنهن جي لاءِ ڪورونا ويڪسين جون مڪمل خوراڪون وٺندڙ ماڻهن کي رڳو ويڪسي نيشن سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو پوندو جنهن کان پوءِ هن کي ڪنهن آئسوليشن جي ضرورت نه پوندي.
سياحت واري وزارت جي جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت طرفان منظور ٿيل فائزر، ايسٽرا زينيڪا، موڊيرنا ۽ جانسن اينڊ جانسن ويڪسين جون مڪمل خوراڪون وٺندڙن کي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت هوندي پر سياحن کي 72 ڪلاڪ اڳ ڪورونا جي پي سي آر ٽيسٽ جي تصديقي ناڪاري رپورٽ ڏيکارڻي پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔