سني ليون جا ڦوٽو فصل بچائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳا

ممبئي: دنيا جا سڀ هاري پنهنجي فصل لاءِ پريشان رهندا آهن ۽ ان جي واڌ ويجهه ۽ وڌيڪ پيداوار لاءِ فصل کي مختلف بيمارين کان مختلف طريقن سان بچائيندا رهندا آهن.
اهڙي ئي قسم جي پريشاني سبب ڀارتي رياست آندهرا پرديش جي هڪ هاري پنهنجي فصل کي بد نظرن کان بچائڻ لاءِ زمين ۾ سني ليون جا پوسٽر هڻي ڇڏي.
ضلع نيلور جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ هاري پنهنجي ڏهه ايڪڙ زمين ۾ بند گوبي، گل گوبي، مرچ ۽ ٻيا فصل پوکيا آهن، فصل سٺا ٿيڻ سبب ڳوٺاڻا ۽ راهه ويندڙ ماڻهو سندس فصل کي ڏسي واهه واهه ڪرڻ سان گڏ مختلف قسمن جا تبصرا ڪندا رهندا آهن.
اهڙي صورتحال سبب هاري کي اها ڳڻتي وٺڻ لڳي ته سندس فصل کي ماڻهن جي بُري نظر لڳي ويندي ۽ فصل کي نقصان ٿيندو، جنهن کان بچڻ لاءِ هاري پنهنجي زمين ۾ سني ليون جا ڦوٽو هڻي ڇڏيا آهن.
هاري جو چوڻ آهي ته هاڻي ماڻهو فصل کي ڏسڻ بدران سني ليون ڏانهن ئي ڏسندا رهندا آهن. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻي جي اهڙي ترڪيب ان لاءِ وڏي فائديمند ثابت ٿي رهي آهي ۽ اڪثر ماڻهن جو ڌيان سني ليون ڏانهن ئي رهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔