ايران تي جنگ مڙهي وئي، ايجنڊا اسرائيلي اثر کي پاڪستان جي سرحد تائين آڻڻ آهي: خواجه آصف

اسلام آباد:  دفاع واري وزير خواجه  محمد آصف صيهونيت کي انسانيت جي لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته ايران تي جنگ مڙهي وئي، ايجنڊا اسرائيلي اثر کي پاڪستان جي سرحد تائين آڻڻ آهي.

دفاع واري وزير چيو ته اسرائيل جي قيام کان اڄ تائين اسلامي دنيا تي  ايندڙ هر آفت جي پٺيان صيهوني نظريو آهي، صهونيت  هڪ صدي کان عالمي معاشي نظام کي ڪنٽرول ڪري رکيو آهي. وڏيون طاقتون صيهونيت جي اثر هيٺ آهن.

خواجه آصف چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ اسان جي هٿياربند فوج جي صلاحيت کي سموري دنيا مڃيندي آهي ايٽمي ڌماڪا ڪري دنيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي.

هن چيو ته ايران تي جنگ مڙهي وئي، ايجنڊا اسرائيلي اثر کي پاڪستان جي سرحد تائين آڻڻ آهي، افغانستان، اسرائيل ۽ ڀارت جو گڏيل ايجنڊا پاڪستان دشمني ٿي سگهي ٿو، قوم کي سازش کي سمجهڻو پوندو.

دفاع واري وڌيڪ چيو ته رب پاڪ اهڙن ماڻهن تي پنهنجون  رحمتون نازل فرمائي جن اسان کي ايٽمي طاقت بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن ايٽمي تجربا ڪيا ۽ دنيا کي ڏيکاريو ته اسان به هڪ ايٽمي طاقت آهيون. هن وڌيڪ چيو ته معاهدي جي لاءِ ايران جي راضپي باوجود انهن تي جنگ مڙهي وئي آهي اسرائيل جي ايجنڊا ۾ جيڪا صيهونيت ترتيب ڏني وئي آهي انهي ۾ اسرائيل جي اثر رسوخ کي پاڪستان جي سرحد تائين آڻڻ شامل آهي.

تبصرے بند ہیں۔