آيت الله خامنائي کي نشانو بنائڻ لاءِ اسرائيل تهران جي ٽريفڪ ڪيمرائن کي هيڪ ڪيو: برطانوي اخبار جو انڪشاف
لنڊن: برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز موجب شهيد ايراني سپريم اڳواڻ علي خامنائي کي نشانو بنائڻ جي لاءِ اسرائيل تهران جي ٽريفڪ ڪيمرائن کي هيڪ ڪيو هو.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيلي انٽيليجنس مهم جي تحت تهران ۾ لڳل ڪيترن ئي ٽريفڪ ڪيمرائن تائين پهچ حاصل ڪئي وئي ۽ ڪيترن سالن تائين انهن جي وڊيوز ڳجهي طور تي تل ابيب منتقل ڪئي ويندي هئي.
اخبار موجب پاستور اسٽريٽ تي محافظن ۽ ڊرائيورن جي چرپر تي به مسلسل نگراني رهي، مخصوص ڪيمرائن جي ذريعي ڪمپائونڊ جي اندروني معاملن ۽ پارڪنگ پوائنٽس جي نشاندهي ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جديد الگورتهمز جي مدد سان سيڪيورٽي اهلڪارن جي روزاني جي زندگي، گاڏي بيهارڻ جي جڳهين ۽ اچڻ وڃڻ جي رستن جي ڊيٽا کي گڏ ڪيو ويو.
وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيل ۽ سي آءِ اي کي خامنائي جي ملاقات جي وقت ۽ شرڪت ڪندڙن بابت اڳواٽ ڄاڻ حاصل هئي. رپورٽ موجب حملي جي وقت موبائيل ٽاورز، جزوي طور تي غير فعال ٿي ويا جنهن سبب حفاظتي عملو امڪاني وارننگ کان محروم رهيو، اهڙين دعوائن تي اڃان تائين لاڳاپيل اختيارين طرفان باضابطه طور تي رد عمل سامهون نه اچي سگهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔